Monday 30 January 2012

My Poetry


ڪير نيڻن ۾ پيار اوتي ويو،

ساهه خالي هو سار اوتي ويو،

منهنجا جذبا ٻڏڻ لڳا آهن،

دل ۾ درياه تار اوتي ويو.

ساڀيائون سڀئي لڪائي هو،

خواب من ۾ هزار اوتي ويو.

ٿانوَ خالي رکيو هئم دل جو،

ڪير هي انتظار اوتي ويو.

__________________

زندگي هڪ اداس اُلڪو آ،

..آيو ويو ڄڻ ڪو واءُ جهُلڪو آ

تنهنجي نيڻن ۾ بدگُماني آ،

..يا ته منهنجو يقين هلڪو آ

جسم تي ڪو جمود طاري آ،

..روح ۾ ڪو مچيل تهلڪو آ

سڀ پياڪن جو روح وهسڪي ٿو

..حسن تنهنجو به مئه جو ڇُلڪو

_______________________
..رُڃ نيڻن ۾ خواب پوکي ڇڏ

جي نه سک جا ڪي سنگ نسرن ٿا،

..پوءِ کڻي ڪي عذاب پوکي ڇڏ

سونهن آهي گلاب جو ٻوٽو،

..پيار جو ڏيئي آب پوکي ڇڏ

جيئن اچي هوءَ ته راه مهڪي پئي،

..موتيا بي حساب پوکي ڇڏ

دل جي ڌرتي ڇڏيو نه ايئن خالي،

ٻج ڀل ڪو خراب پوکي ڇڏ..

ڪاڏي ويندين کڻي اهي يادون؟

..هيءَ اٿئي دل جناب پوکي ڇڏ

____________________

!!هوش ٿو کائي ٿيڙ الا

!!ٻانهن ۾ تون ميڙ الا

،ٿڪجي پيو هان ميڙي ميڙي

!!يادون ايئن نه پکيڙ الا

،سڏڪا سسڪيون دٻجن جنهن ۾

!!ساز ڪو اهڙو ڇيڙ الا

،عشق نه ٿيو ڪو مسئلو ٿيو ڄڻ

!!آه ڳچيءَ ۾ ڳيڙ الا

،اڄ ته ڏسڻ ڏي تنها آهيون

!!ڪهڙو آهي ميڙ الا

،درد ٿا رِڙهندا مون وٽ پهچن

!!مون ڏي ڪهڙي ريڙه الا

،مس ته ڳنڍيو آ چاڪ گريبان

!!ٽانڪا ايئن نه اُڍيڙ الا

_____________________

ڪير ويٺو اُداس ڳائي ٿو..

..منهنجي ڄڻ دل جي آس ڳائي ٿو

،باک پهتي ۽ ننڊ ڇرڪي پئي

..هاءِ راڳي وِڀاس ڳائي ٿو

،نانءُ تنهنجي کي ڪنهن غزل وانگي

..منهنجو هر هڪ حواس ڳائي ٿو

،ڪو ڪٿان روشني کڻي آڻي

..اُڀ ڏاري اُماس ڳائي ٿو

،هوڏانهن ”پارو“ جا بند دروازا

..هوڏانهن هو ”ديو داس“ ڳائي ٿو

_________________